پ پ به بجلي بلن خلاف ڪارڪنن کي رستن تي اچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

آگسٽ 28, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي به بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن خلاف پنهنجن ڪارڪنن کي رستن تي اچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

 پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل نئير بخاري چيو آهي ته بجلي جي قيمت وڌي وڃڻ ڪري ملڪ جو هر شهري پريشان آهي،  بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ڀرپور  احتجاج ڪن

سندس چوڻ هو ته مهانگائي بجلي خلاف ڪارڪن هر شهر، يوسي ۽ تعلقي سطح تي احتجاجي مظاهرا ڪن

ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه بجليءَ جي في يونٽ ۾ 15 رپيا گهٽتائي جي  تجويز ڏئي ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته پي ڊي ايم حڪومت في يونٽ 4 رپيا گهٽ ڪري سگهي ها پر هن ائين نه ڪيو، بجلي جي في يونٽ ۾ 15 رپيا  گهٽتائي هاڻي به ممڪن آهي

هڪ بيان ۾ اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت چاهي ته بجلي جي في يونٽ تي عوام کي رليف مهيا ڪري سگهي ٿي، ان سان عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ  ختم ٿي ويندو

Leave A Comment