پ پ جا سڀ ميمبر اسيمبلي ۾ ”ڌرتي ماءُ آهي“ وارا بينر کڻي آيا

ڪراچي: پيپلز پارٽي جا سڀ ميمبر ”ڌرتي ماءُ آهي“ وارا بينر کڻي اسيمبلي اجلاس ۾ پهتا. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي حوالي سان بحث جي موقعي تي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ وقت پيپلز پارٽي جا سڀ ميمبر ”ڌرتي ماءُ آهي“ وارو بينر کڻي ايوان ۾ داخل ٿيا. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي گھڻن ميمبرن پاران پنهنجي تقرير دوران به اهو جملو چيو ويو.