| پ پ جو اڄ يوم تاسيس: بلاول وڊيو خطاب ڪندو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته اڄ پيپلز پارٽي جي قيام کي 58 سال مڪمل ٿي رھيا آھن، اُن موقعي تي پوري ملڪ ۾ يو م تاسيس جون تقريبون ٿينديون، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ھڪئي وقت وڊيو ذريعي خطاب ڪندو، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو تھ پيپلز پارٽي ملڪ لاءِ جيڪي قربانيون، ڪارناما ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون آھن، اُنھن جو مثال سڄي دُنيا ۾ نٿو ملي، قائد عوام پنھنجي جان جي پرواھھ ڪرڻ بنا ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، ملڪ کي پھريون متفقھ آئين ڏنو، شھيد بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني ۽ عورتن جي سگھاري آواز بڻي، هڪ سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته گورنر جي تبديلي وفاقي حڪومت جو اختيار آھي، اُنهي لاءِ اھو چوڻ مشڪل آھي تھ ڪنھن جي شيرواني تيار ٿي رھي آھي؟ ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ سموريون سھولتون ميسر آھن، مٿس ڪوبھ تشدد نھ پيو ٿئي، ھُو جيل مان ملڪ خلاف سازشون ڪري رھيو آھي، آئون پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي مشورو ڏيندس تھ اهي عدالتن ۾ قانون جنگ وڙھن، ھن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي دُبئي کان گھڻو اڳتي ھو، انهي شهر کي رٿابندي سان الطاف حسين حوالي ڪيو ويو، جنھن سان ھتي ھيروئن ڪلچر، ڀتا ڪلچر ۽ ٻوري بند لاشن جو دور آيو، ھاڻي ڪراچي ۾ سموريون سھولتون ميسر آھن.