پ پ جو سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو ايم پي اي حاجي امين لاکو لاڏاڻو ڪري ويو

آگسٽ 20, 2024

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي ، ضلعي صدر محمد امين لاکو 71 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهو عرصو علالت ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو .پ پ اڳوڻو ايم پي اي، ضلعي صدر محمد امين لاکو پارڪنسز جي مرض ۾ ڪيتري عرصي کان مبتلا رهڻ بعد نيٺ زندگي جي جنگ هارائي ويو .محمد امين لاکو پ پ جو 1988 ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي طور علائقي جي بااثر شخصيت اڳوڻي صوبائي وزير سيد قبول محمد شاھ کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، محمد امين لاکو اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي حياتي ۾ پ پ جي اهم عهدن تي فائز رهڻ سان گڏ پارٽي جو سرگرم ورڪر طور شروعات ڪري حيدرآباد ڊويزن جي عهدن تي فائز رهيو ، محمد امين لاکو کي اڄ اڱاري واري ڏينهن صبح 10هين وڳي سندس ابائي ڳوٺ حسين خان ٺوڙهو تعلقي حيدرآباد ويجهو ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو . اڳوڻي وفاقي وزير، ايم اين اي سيد نويد قمر ، ايم اين اي رسول بخش چانڊيو ، وڏي وزير جي خاص معاون سيد قاسم نويد ، اڳوڻو صوبائي وزير سيد قبول محمد شاھ ، پ پ ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ، ايم پي اي خرم ڪريم سومرو ۽ ٻين محمد امين لاکو جي وفات کي پ پ لاءِ وڏو سانحو قرار ڏنو آهي . پ پ ضلعي ٽنڊو محمد خان طرفان اڳوڻي ايم پي اي محمد امين لاکو جي وفات تي 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .

Leave A Comment