| پ پ جو سينيئر اڳواڻ لعل بخش ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو |
ڪراچي/اسلام آباد(نمائندن وٽان) پ پ جو سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير لعل بخش ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز مسجد بنوريا ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته ميٽروول قبرستان ۾ تدفين ٿي، جنازي نماز ۾ وڏو وزير سيد مراد شاھه، صوبائي وزير سعيد غني، ايم پي اي قاسم سومرو، ايم اين اي قادر پٽيل ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، لعل بخش ڀٽو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويجھن ساٿين ۾ ھو، جيڪو لائيو اسٽاڪ جو صونائي وزير پڻ رھيو، مرحوم لعل بخش ڀٽو پ پ سينيٽر نديم ڀٽو جو والد ھو، هوڏانهن صدر آصف زرداري پ پ اڳواڻ لعل بخش ڀٽو جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لعل بخش ڀٽو جي جمهوري جدوجهد ۽ عوامي خدمت کي هميشه عزت ۽ قدر سان ڏٺو ويندو، هن جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.