| پ پ جي اعتراضن باوجود ميرپور جا حتمي نتيجا جاري |
ميرپور (م ڊ) آزاد ڪشمير جي ميرپور ڊويزن جي 13 چونڊ تڪن تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا، پ پ جي اعتراض ڪيل ايل اي 12 ڪوٽلي 5 جو نتيجو به جاري ڪيو ويو، جتان ن ليگ جو اميدوار ڪامياب قرار ڏنو ويو، پ پ ان تڪ جا نتيجا روڪڻ جو مطالبو ڪيو هو، جاچ بعد فوج جي نگراني ۾ ٻيهر پولنگ جي گهر ڪئي هئي.ان تڪ تي پ پ جو چوڌري ياسين اميدوار هو، ن ليگ جو رياست خان ڪامياب قرار ڏنو ويو.