پ پ جي پنهنجي ئي ايم پي اي نادر مگسي به بندن ۽ شاخن جي ڪم تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

اپريل 1, 2024

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) آبپاشي کاتي جي بيلدارن ۽ داروغن کانپوءِ نادر خان مگسي به بندن ۽ شاخن جي ڪم تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي نادر خان مگسي چيو ته رائيٽ بينڪ جي حفاظتي بندن، شاخن ۽ واهن جي ڪپرن جي حالت خراب آهي، ٻن مهينن دوران بندن ۽ ڪپرن کي پڪو نه ڪيو ويو ته پاڻي ٻيهر ماڻهن کي ٻوڙيندو

لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ ۾ آبپاشي ملازمن جي احتجاج بابت ڳالهائيندي نادر مگسي چيو ته بيلدار ۽ داروغا چيف انجنيئر تي ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن، انهن الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته ڪنهن ڪرپشن ڪئي آهي ته ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، بندن ۽ شاخن جي ڪپرن جي خراب صورتحال بابت آبپاشي کاتي کي آگاهه ڪيو آهي

ٻئي طرف چيف انجنيئر رائيٽ بينڪ سهيل بلوچ خلاف آبپاشي کاتي لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ ريجن جي بيلدارن ۽ داروغن جو احتجاج جاري آهي بيلدارن ۽ داروغن جو چوڻ آهي ته چيف انجنيئر خلاف ڪارروائي ٿيڻ تائين واهن ۽ شاخن تي ڪم نه ڪنداسين

 داروغن ۽ بيلدارن جي اڳواڻ عبداللطيف کوسو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته چيف انجنيئر سهيل بلوچ بندن ۽ شاخن کي پڪو ڪرڻ لاءِ مليل ڪروڙين روپيا کائي ويو، هيل طوفاني برساتون پيون ته بند ۽ شاخن جا ڪپر لڙهي ويندا

هن چتاءُ ڏيندي چيو ته چيف انجنيئر سهيل بلوچ خلاف ڪارروائي تائين اسان جي ڪم ڇڏ هڙتال جاري رهندي

Leave A Comment