اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) پاران نواز شريف جي اپيلن تي فيصلي بعد چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
مسلم ليگ (ن) جي ذريعن مطابق پارٽي سربراهه ميان محمد نواز شريف جي اپيلن تي ٻڌڻي هيٺ ڪيس چونڊ مهم ۾ دير جو سبب آهي
ميان نواز شريف ۽ قانوني ٽيم جي هن وقت مڪمل توجهه ڪيسن تي آهي، ان ڪري مسلم ليگ (ن) قيادت گذريل چئن ڏينهن کان مري ۽ گليات ۾ موجود آهي
پارٽي ذريعن مطابق اپيلن جي فيصلن بعد ڀرپور نموني چونڊ مهم شروع ڪئي ويندي، پارٽي جي منشور ڪاميٽي به هن وقت تائين ڪم مڪمل ناهي ڪيو
ٽڪيٽن جي درخواستن تي فيصلي لاءِ نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ پارلياماني بورڊز جي جوڙجڪ جلد مڪمل ڪئي ويندي
ذريعن مطابق ليگ قيادت کي ٽڪيٽن جي معامري تي اندورني اختلافن جو به خدشو آهي، پارٽي ٽڪيٽ لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ درخواستون پارٽي کي مليون آهن، ٽڪيٽن جو حتمي فيصلو پارٽيءِ جو سربراهه ميان محمد نواز شريف ڪند
ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي چونڊ مهم کان نواز ليگ پريشان آهي، چونڊ مهم جي حوالي سان مختلف فيصلا ڪيا پيا وڃن