| پ پ جي ڪرپشن ڪراچي کي برباد ڪيو آهي: منعم ظفر |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان چيو آهي ته ڪراچي تباهي جو شڪار بڻجي ويو آهي، جڏهن ته حڪمران مڪمل بي خبري ۾ آهن هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۽ نااهلي شهر کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، رستا هنڌان هنڌان ٽٽل آهن، گٽر وهي رهيا آهن، ترقياتي منصوبا تڪرارن ۽ بدانتظامي سبب لٽڪيل آهن. منعم ظفر خان موجب بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبو شهرين لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي، 2022 ۾ شروع ٿيل منصوبو 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها پر هاڻي 2026 تائين به مڪمل ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪريم آباد انڊر پاس 3 سال گذرڻ باوجود اڻپورو آهي، گلستان جوهر ۽ شهر جا ڪيترائي علائقا ترقياتي ڪمن سبب اذيت جو شڪار آهن۔ هن چيو ته واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ ڪي-اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي زيرو آهي، هن چيو ته جماعت اسلامي پنهنجي مدد هيٺ مين هولز جا هزارين ڍڪ لڳايا آهن،