پ پ خلاف پير پاڳارو به سرگرم: هر تڪ تي اميدوار بيهارڻ جو اعلان : نواز ليگ ۽ متحده ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق

نومبر 23, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) عام چونڊن کان اڳ جي ڊي اي سربراھه  پير پاڳارو به سرگرم: هر تڪ تي اميدوار بيهارڻ جو اعلان، اليڪشن شيڊيول کان اڳ اميدوارن کان درخواستون گھرائڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ پير پاڳاري جي سربراهي ۾ جي ڊي اي جو هنگامي اجلاس ٿيو، 4 ڪلاڪن تائين هليل اجلاس ۾ جي ڊي اي اڳواڻ صدر الدين شاھ راشدي، مرتضيٰ جتوئي، ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، زين شاھ، اياز لطيف پليجو،  صفدر عباسي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  پيپلز پارٽي سامهون ڪراچي کان ڪشمور تائين هر تڪ تي اميدوارن بيهاريا ويندا، اجلاس ۾ اليڪشن لاءِ سياسي ڌرين سان اتحاد ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان به غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس جي حوالي سان جي ڊي اي اڳواڻ اياز لطيف پليجو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته جي ڊي اي جي اجلاس ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جنهن به پارٽي سيٽ ايڊجسٽمينٽ  لاءِ رابطو ڪيو ته اهو مامرو جي ڊي اي اجلاس ۾ آندو ويندو، ان بعدئي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏينداسين.

نواز ليگ  ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ  تي اتفاق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ  ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ  تي اتفاق، ان حوالي سان نواز ليگ جي اڳواڻن نهال هاشمي، اڪبر گجر  ۽ ٻين  تي ٻڌل وفد ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادرآباد پهتو، جتي سندن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن اڳوڻي وفاقي وزير امين الحق، جاويد حنيف ۽ احسان صابر  ۽ ٻين سان تفصيلي سياسي ويهڪ ٿي، ٻن ڪلاڪن تائين هلندڙ ملاقات دوران سياسي صورتحال ۽ اليڪشن سرگرمين جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ جي اڳواڻ نهال هاشمي چيو ته نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو اتحاد گھڻو اڳتي وڌي ويو آهي، ڪراچي سميت صوبي جي ٻين ضلعن جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون آهن، ملاقات  ۾ هڪ ٻئي جا خدشا به اڳيان رکيا ويا، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق چيو ته نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اڳ به بهتر لاڳاپا رهيا آهن، اسان معاهدو به ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته نواز شريف ۽ خالد مقبول صديقي وچ ۾ ٿيل ملاقات واري ڳالهين کي اجلاس ۾ اڳتي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو، هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي مخالف مضبوط اتحاد نظر اچي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم کي پنجاب ۾ نواز ليگ جي پوزيشن تمام بهترين نظر اچي رهي آهي، اسان نواز شريف کي وزيراعظم ۽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جو وزيراعليٰ ڏسڻ چاهيون ٿا.

Leave A Comment