پ پ رت ۾ شامل آهي، ڪير پارٽي کان ڌار نٿو ڪري سگهي: اعتزاز احسن
جنوري 22, 2024
لاهور (م ڊ) سينيئر قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته پ پ منهنجي فيملي آهي، رت ۾ شامل آهي، پارٽي کي مون کان ڪير به جدا نٿو ڪري سگهي. لاهور ۾ پ پ جي جلسي کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته هتي 10 سال اڳ وڪيلن جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هيس، مون کي هر هر چيو ويندو هو ته وڪيلن جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪرڻي اٿئي ته پوءِ پ پ ڇڏي اچ، مان چوندو هيس ته پ پ منهنجي فيملي آهي، رت ۾ ڊوڙي ٿي، پ پ کان ڪير به جدا نٿو ڪري سگهي. اعتزاز چيو ته ماضي ۾ تاثر پيدا ڪيو ويو ته ڄڻ مان پ پ ۾ ناهيان، اهو تاثر بلڪل غلط هو، مان توهان جي سامهون آهيان، بلاول ۽ آصفه سان گڏ بيٺو آهيان. هن چيو ته بلاول ڀٽو جڏهن کان پ پ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ته ڪيترن ئي قسمن جي بحث جنم ورتو، تاثر ڏنو ويو ته بلاول بزرگن کي جماعت مان ڪڍڻ چاهي ٿو، پ پ جي حڪومت 3 ڀيرا آئي، ڪڏهن ائين نه ٿيو ته نواز شريف جيان هڪ ئي وزيراعظم هجي، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف وزيراعظم رهيا، هاڻ بلاول جو وارو آهي.