پ پ سان اتحاد کان انڪار: سپريم ڪورٽ لنڊن پلان تحت هلي رهي آهي: پي ٽي آءِ باني عمران خان
جنوري 16, 2024
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته مون کي ڊونلڊ لو ۽ جنرل باجوا کي ايڪسپوز ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، سڀ ڪجهه لنڊن پلان تحت ٿي رهيو آهي، بلاول سان چونڊ اتحاد نٿو ٿي سگهي. اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دوران ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته قرآن پاڪ ۾ آهي ته دشمنن سان به ايتري نفرت نه ڪيو جو انصاف نه ڪري سگهو، بيٽ جي ڪيس لاءِ 5 رڪني بئنچ هجڻ گهرجي ها. هن چيو ته سڀ ڪجهه لنڊن پلان تحت ٿي رهيو آهي، عمران خان جو جيل ۾ هجڻ، پي ٽي آءِ جو خاتمو ۽ نواز شريف جو ڪيس معاف ٿيڻ لنڊن پلان جو حصو آهي، سڀ ڪجهه اهو ٻڌائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي ته اهي قانون کان مٿانهان آهن. هن چيو ته نواز شريف سدائين امپائرز کي گڏائي کيڏندو آهي، ٻه ڏينهن هڪ امپائر نوبال ڏنو، اڳڪٿي ڪريان ٿو هنن سان تمام گهڻو خراب ٿيڻ وارو آهي، عمران چيو ته سندس چوڻ هو ته مون کي ڊونلڊ لو ۽ جنرل باجوا کي ايڪسپوز ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، افسوس ته سپريم ڪورٽ به لنڊن ايگريمينٽ تحت هلي رهي آهي. پ پ سان چونڊ اتحاد کي رد ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي سان چونڊ اتحاد نٿو ٿي سگهي، عوام اسان سان گڏ آهي.