عمرڪوٽ(رپورٽر) ڇور ٽائون جي چيئرمين شپ نه ملڻ تي پ پ سان بغاوت ڪري جي دي اي سان اتحاد ڪندڙ نظر محمد آريسر چيئرمين چونڊجي ويو
ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ جي حوالي سان پ پ جي ڪائونسلر پارٽي سان بغاوت ڪري جي دي اي سان اتحاد ڪيو هو جنهن بعد صورتحال دلچسپ ٿي وئي پ پ وري جي يو آءِ جي مدد حاصل ڪري ورتي هئي
ڇور ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ اڄ چونڊ ٿي جنهن م هڪ ووٽ تان جي ڊي اي جو حمايت يافته اميدوار نظر محمد آريسر چيئرمين ۽ مولوي محمود نھڙي وائيس چيئرمين چونڊجي ويا
پ پ جو اتحادي نامزد چئرمين مولانا يعقوب نعماني 7 جي مقابلي ۾ 6 ووٽ حاصل ڪري سگهيو