ٽنڊوآدم(ن پ ا) فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻ سيد راشد شاھه راشدي چيو آھي ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن کي اختيار مليا پر سنڌ سرڪار اهي اختيار ھيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ بجاءِ پنھنجي ھٿن ۾ رکي ويٺل آھي ڪالهه هتي مري هائوس تي فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ حبيب مري سان سندس والد ۽ ورياھه هائوس تي پ پ ضلعي سانگھڙ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري حنيف ورياھ جي لاڏاڻي تي محمد امين ورياھه ۽ اخلاق ورياھ سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ سنڌ سان وڏو ظلم ڪيو آھي، هاڻ وڏي سياسي اٿل پٿل ٿيڻ واري آھي، پ پ سان حساب ڪتاب جو وقت اچڻ وارو آھي، هن چيو ته پ پ ۾ ھن وقت خوف ۽ دٻاءُ وارو جيل جھڙو ماحول آھي، جتي اسيمبلي ميمبر آزاد فيصلا ڪرڻ کان به محروم آھن، هن چيو ته پ پ ايم پي ايز سميت اھم شخصيتون مسلسل رابطي ۾ آھن پر اسان هڪڙي به ڪرپٽ ماڻھو کي قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته صدر ۽ گورنر جا عهدا اعزازي بڻجي ويا آھن، جن وٽ ڪوبه اختيار ناھي، انهي باوجود سندن اربين رپين جي بجيٽ ھجي ٿي، ھن چيو ته اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ اسيمبلي ميمبرن لاءِ گريجوئيشن جو شرط هو، جيڪا ھڪ مثبت قدم ھو، اڄ اسيمبلي ميمبرن لاءِ ڪنھن به قسم جي ڪا تعليمي قابليت لازمي ناھي اهڙا ميمبر قانون سازي سميت عوام جي زندگين جا فيصلا پيا ڪن، هن چيو ته اسان جا خانداني ۽ ذاتي واسطا آھن، انهي ڪري ٽنڊي آدم ۾ تعزيت ڪرڻ لاءِ آيو آھيان، منهنجو هي سياسي دورو ناھي، سياسي دورو ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ٿيندو، هن چيو ته پهريائين ڊرون جو استعمال ڌاڙيلن خلاف ٿيندو هو، جنهن جي آجيان ڪئي پر افسوس هاڻي انهن جو استعمال سياسي مخالفن خلاف پيو ٿئي، ھن چيو ته سنڌ جا 80 کان 90 سيڪڙو وزير ڪرپشن ۾ ملوث آھن، سنڌ جي عوام سان مسلسل ناانصافي، مھانگائي، بدانتظامي ۽ ڪرپشن حڪمران ڌر خلاف نفرت پيدا ڪري ڇڏي آھي، خراب حڪمراني سبب عوام پ پ کان بيزار آھي، ھن چيو ته سياست ۾ ذاتيات بدران اصولن سچائي ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ گھرجي، هن چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب غربت وڌي آھي، جنهن سان ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آھي، عوام جو جان ۽ مال محفوظ ناهي، ان موقعي تي محمد خان جوڻيجو، معظم عباسي، انور علي مري، ۽ ٻيا گڏ ھئا.
گلزار عالماڻي بجراڻي لغاري ڪيسن ۾ اسان جو وڪيل ناهي: اين پي پي ترجمان
مورو: نيشنل پيپلز پارٽي جي ترجمان وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ڪجھ سازشي عنصر ايڊووڪيٽ گلزار عالماڻي واري معاملي بابت ڏنل بيان کي غلط رنگ ڏئي غلط فھميون پيدا ڪري رھيا آھن، حقيقت ۾ گلزار عالماڻي جتوئي ڀائرن جي اميناڻي، محبت ديرو جتوئي ۽ بلاول زرداري مرڊر ڪيسن ۾ وڪيل آهي، باقي بجراڻي لغاري ڪيسن ۾ اسان جو وڪيل ناهي. ترجمان موجب گلزار عالماڻي کان پارٽي ڪڏھن به لاتعلقي نه ڏيکاري آھي، ھو اسان جي پارٽي جو حصو آهي.
راشد شاهه جي مرتضيٰ جتوئي سان ڪراچي ۾ اهم ملاقات
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جا اڳواڻ جتوئي هائوس ڪراچي پهچي ويا، فنڪشنل ليگ اڳواڻ راشد شاهه جي مرتضيٰ جتوئي سان ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان حوالي سان ڪالهه فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ ۽ پير پاڳاري جي پُٽ راشد شاھ جتوئي هائوس پهچي مرتضيٰ جتوئي سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران جي ڊي اي اڳواڻ حسنين مرزا ۽ معظم عباسي به شريڪ هئا. ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي معاملن سميت مختلف اشوز تي ڳالهيون ڪيون ويون.