| پ پ سدائين سنڌ ۽ پاڪستان دشمن فيصلا ڪيا آهن: اياز لطيف |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني لاقانونيت ،ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي لٽ مار، غيرقانوني طور ترسيل افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي وحدت تي وار،26 ۽ 27 آئيني ترميمن خلاف اڄ ٻنون شهر ڀرسان ڊڀو موري تي محبت سنڌ جلسه عام ٿيندو جنهن جو مھمان خاص قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو هوندو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو ته ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي ۾ پکين جو شڪار بند ڪيو وڃي. سنڌ جي معصوم پکين جي مقتل گاھ نه بنايو وڃي. سائبيريا ۽ ٻين ٿڌ. علائقن مان ھر سال پرديسي پکي پناھ لاءِ اچن ٿا، انھن جي تحفظ بدران شڪار ڪرڻ نيچر سان دشمني آھي. ھن چيو ته پيپلزپارٽي جي ھميشه تاريخ رهي آهي ھنن سدائين سنڌ ۽ پاڪستان دشمن فيصلا ڪيا آهن. زرداري مافيا ۽ پيپلز پارٽي امير سنڌ کي ڪرپشن ،بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو. ڪنھن به آفيس ۾ عوام جو ميرٽ تحت ڪم نٿو ٿئي. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿو.