پ پ سينيٽر شيري رحمان جي نوجوان نياڻي لاڏاڻو ڪري وئي 

پ پ سينيٽر شيري رحمان جي نوجوان نياڻي لاڏاڻو ڪري وئي 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان جي نوجوان نياڻي 35 سالن جي ماروي برين هيمريج سبب لاڏڻو ڪري وئي، ان ڏس ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ پاران ڄاڻايو  ويو آهي ته 35 سالن جي ماروي ملڪ برين هيمريج سبب  5 ڏينهن کان ڪلفٽن جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. 3 ڏينهن اڳ حالت خراب ٿيڻ کانپوءِ کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو. خانداني ذريعن موجب، ماروي  جي جنازي نماز اڄ سومر تي 3:30 وڳي ڊي ايڇ اي فيز 8 ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي، هوڏانهن صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، پ پ (عورت ونگ) جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، وزيراعليٰ مراد شاهه،  گورنر نهال هاشمي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سردار شاهه، مخدوم محبوب الزمان ۽ ٻين سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيوآهي.