پ پ قيادت پاران قمبر چانڊيا ڀائرن ۽ شهدادڪوٽ نادر مگسي حوالي

مَي 27, 2023

شهداد ڪوٽ(رپورٽ: اسحاق بوزدار) پ پ قيادت قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي ٻن ميونسپل ڪاميٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ بدران قمبر چانڊيا ڀائرن ۽ شهداد ڪوٽ نادر مگسي حوالي ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

پ پ جي ويجهن ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي مک قيادت قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪرڻ وارو اختيار پاڻ وٽ رکندي ضلعي جي ٻن ميونسپل ڪاميٽين  ميونسپل ڪاميٽي شھدادڪوٽ ۽ ميونسپل ڪاميٽي قمبر سميت 8 ٽائون ڪاميٽين سجاول جوڻيجو، قبو سعيد خان، نصيرآباد، بھرام، گاجي کھاوڙ، ميروخان، وارھه ۽ وڳڻ جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين چونڊڻ جا اختيار چانڊيا ڀائرن ۽ مير نادرمگسي حوالي ڪري ڇڏيا آهن

قمبر تعلقي جي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ  شعبان شيخ سميت ٻين ڪائونسلرن  پارٽي قيادت وٽ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهي جن جو فيصلو هاڻي چانڊيا ڀائر سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو ڪندا

ميونسپل ڪاميٽي شھدادڪوٽ جي چيئرمين شپ لاءِ يار محمد سومرو سميت ٻين اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون آهن جڏهن ته باران خان بروھي وائيس چيئرميني لاءِ اميدوار آهي جن جو فيصلو مير نادرمگسي ڪندو

Leave A Comment