| پ پ مان شڪايت جي اميد نه هئي، سياست ۾ اختلاف کي گهڻو اڳتي وڌائڻ ۽ دشمني ۾ بدلائڻ نه گهرجي: نواز شريف |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان شڪايت جو ڪو موقعو ملندو، اسان مخالفن سان سياست ۾ هميشه سٺو ورتاءُ ڪيو آهي. سياست ۾ اختلاف کي ايترو اڳتي نه وڌڻ گهرجي، سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي، مري ۾ مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آزاد ڪشمير جو ماحول هميشه بهتر رهيو آهي. آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرين ٻن مرحلن ۾ اسان کي اڪثريت ملي چڪي آهي، جيڪي چونڊون کٽي نه سگهيا، انهن کي به شاباش ڏيان ٿو. جيڪڏهن اسان آزاد ڪشمير ۾ عوام کي ڊليور نه ڪيو ته ماڻهو ناراض ٿيندا. نواز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ اڳ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، هاڻي آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي اسان جي ترجيح آهي. شهباز شريف حڪومت سنڀالي ته ملڪ جون حالتون انتهائي خراب هيون. پنجاب ۾ ترقي جي بنياد شهباز شريف رکي، جنهن کي مريم نواز اڳتي وڌايو. هن چيو ته آزاد ڪشمير جا ماڻهو پڻ پنجاب جي ترقي ڏانهن ڏسي رهيا آهن. مخالفن رڳو نعرا هنيا ۽ ترقي لاءِ ڪجهه نه ڪيو. ملڪ پوئتي نه پر اڳتي وڌي رهيو آهي، تمام جلد مسئلن تي ضابطو آندو ويندو. نواز شريف چيو ته آزاد ڪشمير جي شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس ملڻ گهرجن، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير لاءِ وڌ کان وڌ فنڊ فراهم ڪري. آزاد ڪشمير ۾ ڪسان ڪارڊ پڻ جاري ٿيڻ گهرجي. امير مقام ۽ رانا ثناءُ الله آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڏينهن رات محنت ڪئي. امير مقام اهڙي نموني مهم هلائي ڄڻ اها سندس پنهنجي چونڊ هجي. جنهن نموني پنجاب کي تبديل ڪيو ويو، ساڳئي نموني آزاد ڪشمير کي به تبديل ڪنداسين. ميان نواز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ڪابينا جي چونڊ ميرٽ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي ۽ پارٽي جي منشور تي سئو سيڪڙو عمل ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي اسڪيمون ڀرپور انداز ۾ شروع ٿيڻ گهرجن. شهباز شريف ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، آزاد ڪشمير کي به ترقي ۾ پنجاب جي سطح تي آڻڻ گهرجي. آزاد ڪشمير هڪ جبلن وارو علائقو آهي، تنهن ڪري اتي جي وزيراعظم وٽ هيلي ڪاپٽر هجڻ ضروري آهي. هن مطالبو ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير حڪومت کي هيلي ڪاپٽر فراهم ڪري. آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ترجيح آهي، جنهن نموني پنجاب کي تبديل ڪيو ويو، ساڳئي نموني آزاد ڪشمير کي به تبديل ڪنداسين. ان کان اڳ مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جي مرڪزي قيادت جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي بابت غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن سان تعلق رکندڙ آزاد ڪشمير اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر پڻ شريڪ ٿيا.