پ پ مان ڪڍيل لطيف کوسا پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويو
ڊسمبر 18, 2023
لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي جھوني جيالي ۽ سينيئر وڪيل سردار لطيف کوسا پ پ سان رستا ڌار ڪري تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. سردار لطيف کوسا لاهور ۾ تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي خواهش تي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيو آهيان، رڳو ملڪ ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سچ جو آواز شدت سان بلند ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو، پاڪستان لاءِ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي سفر جي شروعات جي دعوت ڏيان ٿو، اميد ته نفرت جي سياست ختم ٿيندي. سندس چوڻ هو ته هي ادارا اسان جا ادارا آهن، هيءَ فوج اسان جي آهي، آئين ۾ سڀني ادارن جون حدون مقرر آهن، آئين ۾ لکيل آهي ته فوج سرحدن جي محافظ آهي ۽ عوام جي ٽيڪس مان ان کي پگهار ملندي آهي. لطيف کوسا چيو ته ججن جي فرضن ۾ اهو آهي ته هو انصاف ڪن، قانون تي عملداري، آئين جي پاسداري ڪندڙ امر ٿي ويندو آهي، اميد ته اڄ عدليا برابر جو انصاف ڪندي، 25 ڪروڙ عوام توهان ڏانهن واجهائي رهيو آهي.