پ پ مخالف اتحاد کي عوام رد ڪيو هاڻ به شڪست کائيندا: شرجيل ميمڻ

  پ پ مخالف اتحاد کي عوام رد ڪيو هاڻ به شڪست کائيندا: شرجيل ميمڻ

خيرپور (رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خيرپور ۾ پيپلز بس سروس جي ٻن نون روٽن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خيرپور جي عوام لاءِ انتهائي اهم ۽ خوشيءَ جو ڏينهن آهي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ وڏي وزير سنڌ جي طرفان خيرپور جي عوام لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي هر دورِ حڪومت ۾ تاريخي ڪم ڪيا آهن ۽ هر ڳوٺ، تعلقي ۽ ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرايا آهن، سڀني ڪوششن باوجود پيپلز پارٽي تي تنقيد ۽ ميڊيا ٽرائل ڪيو ويندو آهي پر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ جنهن نموني ترقياتي ڪم ٿيا آهن ان جو مثال نه ٿو ملي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيرپور ضلعي ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ قائم ڪيو ويو، پاڪستان جي واحد اهڙي اسپتال جتي ڦڦڙن ۽ جگر جي ٽرانسپلانٽ جي سهولت موجود آهي گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز آهي، جيڪو خيرپور جي عوام لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي،هن چيو ته خيرپور جي عوام هميشه پ پ تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ مخالفن کي شڪست ڏني، پ پ جي نمائندن عوامي خدمت نه ڪئي هجي ها ته هو پنهنجي حلقن ۾ ڪامياب نه ٿين ها، صوبائي وزير چيو ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ واڌ باوجود سنڌ حڪومت عوام کي گهٽ ڀاڙي تي جديد اي سي بسن جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته هر مسافر جي ڀاڙي جو هڪ حصو سنڌ حڪومت سبسڊي طور ادا ڪري رهي آهي، هن اعلان ڪيو ته نئين اسڪيم تحت خيرپور لاءِ وڌيڪ بسون پڻ فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته جلد خيرپور ۾ پنڪ بس سروس ۽ پنڪ اسڪوٽي سروس پڻ شروع ڪئي ويندي. ڪجهه سياسي پارٽيون اتحاد ٺاهي چونڊون وڙهن ٿيون پر عوام کين رد ڪري ڇڏي ٿو ۽ ايندڙ وقت ۾ به شڪست سندن مقدر هوندو. هن چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ ڪجهه اميدوارن کي پنهنجي گهرن جا ووٽ به حاصل نه ٿي سگهيا. ان موقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه، ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه، ايم پي اي هالار خان وساڻ پڻ خطاب ڪيو،بعد ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ذوالفقار علي ڀٽو بس ٽرمينل خيرپور تي ربن ڪاٽي پيپلز بس سروس جي نون روٽن جو باقاعده افتتاح ڪيو.