پ پ-نواز ليگ ڪميٽي جا حڪومت سازي لاءِ مشورا، تجويزون پيش، عمل جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

فيبروري 15, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت سازيءَ لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن تي مشتمل ڪاميٽيءَ جو پھريون اجلاس ٿيو، جنھن ۾ مسلم ليگ (ن) پاران سينيٽر اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ملڪ محمد احمد خان شريڪ ٿيا. پيپلز پارٽي جي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، قمرالزمان ڪائرا، سعيد غني ۽ ٻين نمائندن شرڪت ڪئي. ڪاميٽي اتفاق ڪيو ته جلد کان جلد حڪومت سازيءَ وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي. شرڪت ڪندڙن ۾ اتفاق ٿيو ته ھڪ مستحڪم جمھوري حڪومت وقت جي اھم ضرورت آھي ته جئين پاڪستان کي درپيش معاشي، سياسي، امن امان ۽ دھشتگردي جھڙن چئلينجز جو حل ڪڍي سگھجي، عوام کي مھانگائي، بيروزگاري، عدم تحفظ کان نجات ڏياري سگھجي. ٻنھي طرفن کان پنھنجون پنھنجون تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ مشاورت بعد طئي ٿيو ته سڀاڻي اڄ خميس واري ڏينھن ھڪ ٻيو سيشن ٿيندو جنھن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٻين صوبن جا نمائندا به شريڪ ٿيندا. اھو به طئي ڪيو ويو ته ھم خيال سياسي جماعتن سان مشاورت بعد معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ڪاميٽي مشاورت پاران تيار ڪيل تجويزون پارٽي قائدين کي اماڻيون ويون. ڪاميٽيءَ جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت حتمي فيصلو ڪندي.

Leave A Comment