پ پ وارا ڌرتي ماءُ جي ورهاڱي تي به خاموش آهن: لياقت جتوئي

پ پ وارا ڌرتي ماءُ جي ورهاڱي تي به خاموش آهن: لياقت جتوئي

دادو (رپورٽر) دادو ۾ اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي دادو ۾ وڏي جلسي سان خطاب ڪندي چيو آهي ته کيس بار بار ان ڪري هارايو وڃي ٿو، جو هو سنڌ جي عوام جي حقن ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو آهي. جلسي کي خطاب ڪندي لياقت جتوئي چيو ته سنڌ ۾ نه گيس آهي، نه بجلي آهي، نه ئي اسپتالن ۾ علاج موجود آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي وارا ڪشمش جا واپاري بڻجي سنڌ کي ڦري رهيا آهن هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿيڻ شرم جهڙي ڳالهه آهي، پيپلزپارٽي وارا پنهنجي ماءُ جي ورهاڱي تي به خاموش آهن  لياقت جتوئي چيو ته اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو سنڌ جا ٽڪرا ڪري، اسان جا ٽڪرا ڪندا پوءِ سنڌ ورهائيندا  مونکي ايم اين اي يا ايم پي اي ٿيڻ جو شوق ناهي، مان پنهنجي ووٽرن ۽ عوام جي عزت بحال ڪرائڻ لاءِ سياست ڪري رهيو آهيان. اڳوڻي وڏي وزير چيو ته ڪوڙن ڪيسن ۾ عوام کي ڦاسايو پيو وڃي، صوبيدارن ۽ پوليس ذريعي سياست ڪئي پئي وڃي  لياقت جتوئي چيو ته فارم 47 وارا سمجهن ٿا ته هو سڄي عمر حڪومت ڪندا، پر ٻڌي ڇڏين، انهن ڪلهن تي حڪومت ڪرڻ وارا ڪلها ئي نه هوندا، اسان ڳيرن وانگر جهٽينداسين. هن چيو ته اسان کي هن ظالماڻي نظام مان آزادي کپي لياقت جتوئي چيو ته پيپلزپارٽي بينظير ڀٽو سان گڏ دفن ٿي وئي، هاڻي اها زرداري ليگ آهي، جيڪي واپاري گڏ ٿي سنڌ کي ڦري رهيا آهن جيڪي ماڻهو سندس دور ۾ رڪشا تي چڙهندا هئا، اهي اڄ هزارين ايڪڙ زمينن جا مالڪ بڻجي ويا آهن.  لياقت جتوئي چيو ته جيڪڏهن موقعو مليو ته عوام جي ٽيڪس مان ٺاهيل بنگلن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج هلائيندس هن چيو ته دادو هڪ وقت ويٽنام ضلعو هو، دادو جي عوام کان ماڻهو ڏڪندا هئا، مان ٻيهر دادو کي ويٽنام بڻائيندس  لياقت جتوئي وڌيڪ چيو ته نادر جمالي کي مارڻ جو پوليس کي ڪهڙو حق هو؟ عدالتون ڇا لاءِ آهن؟  هن چيو ته جيڪڏهن پوليس اهڙي طرح فيصلا ڪندي رهي ته عدالتون بند ٿي وينديون، سي ايم به ختم ٿي ويندو لياقت جتوئي نادر جمالي ڪيس ۾ شفاف انڪوائري جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته ڪيس داخل ڪنداسين ظالمن خلاف جهاد ڪبو، تڏهن ئي عوام جي جان ڇٽندي. جلسي ۾ جي ڊي اي اڳواڻن نياز ٻرڙو، عاشق علي زئور، سعيد احمد سومرو سميت ٻين شرڪت ڪئي.