پ پ وفاق جي علامت طور پنهنجو فعال ڪردار جاري رکندي: شرجيل

پ پ وفاق جي علامت طور پنهنجو فعال ڪردار جاري رکندي: شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلزپارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبرز جي اعزاز ۾ مانجھاندو ڏنو، جنهن ۾  پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن سردار سليم حيدر ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي  پارٽي جي تنظيمي معاملن، ملڪ جي سياسي صورتحال، ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڳواڻن سنڌ حڪومت جي عوام دوست پاليسين ۽ ترقياتي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏني آهي، اها ئي سندس سياسي طاقت جو بنياد آهي، شرجيل انعام ميمڻ پ پ اڳواڻن کي سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ پيپلز بس، اي وي بس، سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن، ۽ ٿر جا توانائي منصوبا شامل آهن. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته موجوده سياسي چئلينجز باوجود پيپلز پارٽي وفاق جي علامت طور پنهنجو فعال ۽ تعميري ڪردار جاري رکندي.