پ پ پاران اتحادي حڪومت جو حصو نه ٿيڻ جو اعلان: وزيراعظم لاءِ نواز ليگ اميدوار جي حمايت: زرداري صدر جي عهدي لاءِ اميدوار هوندو: بلاول

فيبروري 13, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي وزيراعظم لاءِ نواز ليگ جي اميدوار جي حمايت ۽ اتحادي حڪومت جو حصو نه ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پيپلز پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي پي ڊي ايم ٽو جهڙي حڪومت جو حصو نه ٿيندي، وزارتِ عظميٰ لاءِ نواز ليگ جي اُميدوار کي ووٽ ڏنو ويندو، حڪومت جي حمايت ڪنداسين پر وزارتون نه وٺنداسين

سندس چوڻ هو ته ڪوشش هوندي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهيون، خواهش آهي ته آصف زرداري ملڪ جو صدر بڻجي، ملڪ ۾ جيڪا باهه ٻري رهي آهي، اُِن کي وِسائڻ جي صلاحيت رڳو آصف زرداري رکي ٿو، صدارتي چونڊن ۾ آصف زرداري پيپلزپارٽي جو اميدوار هوندو

هن چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته پارليامينٽ ۽ وزيراعظم پنهنجو مُدو پورو ڪن، ٻيهر چونڊون ٿيون ته ڪابه سياسي پارٽي نتيجا قبول نه ڪندي

هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته ماضي جيان هن ڀيري به چونڊن ۾ شڪايتون آيون آهن، اسان اختلافن باوجود احتجاج طور چونڊ نتيجا قبول ڪنداسين

بلاول ڀٽو زرداري وزارت عظميٰ جي اميدواري تان به هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف پيپلزپارٽي سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙي اعلان کانپوءِ پي ٽي آءِ پاران وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن

ان کان اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿي گذريو. بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ن ليگ پاران حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت بابت اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ويو

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ن ليگ پاران اهم عهدا ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب اجلاس دوران سينئر اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ٿيڻ بدران اپوزيشن ليڊر بڻجڻ جي تجويز ڏني وئي، اجلاس ۾ اڪثر سينئر اڳواڻن پاران چيو ويو ته حڪومت سازي بابت تڪڙ ۾ فيصلو نه ڪيو وڃي

 ذريعن موجب اجلاس دوران آصف زرداري اڳواڻن کان پڇيو ته مون کي چيو ويو آهي ته حڪومت سازي ۾ مدد ڪريو، بلوچستان ۾ توهان جي حڪومت اچي ويندي

هن چيو ته ڪو عهدو اهميت نٿو رکي، ملڪي ترقي ترجيح آهي، پارٽي ميمبر صلاح ڏين ته ڪهڙي پاسي وڃڻ گھرجي، ڇا صدارت، اسپيڪرشپ سميت آڇون قبولڻ گھرجن؟ ان تي پنجاب جي اڳواڻن جي اڪثريت حڪومت ۾ شموليت جي مخالفت ڪئي

 اڳواڻن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جيڪو به فيصلو ڪن پارٽي ۽ ملڪ جي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪن، ذريعن موجب سينئر اڳواڻن چيو ته مضبوط اتحادي حڪومت ٺهي ٿي ته بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو وڃي، ڪمزور اتحادي حڪومت ٺهي ٿي ته وزيراعظم ٿيڻ کان بهتر آهي بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن ليڊر بڻجي

 ذريعن موجب اجلاس ۾ سينئر اڳواڻن اڍائي اڍائي سالن لاءِ وزارت عظميٰ وٺڻ وارو فارمولو رد ڪيو ويو، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سينئر اڳواڻن چيو ته ن ليگ کي حڪومت سازي ۾ سپورٽ ڪرڻ گھرجي پر حڪومت جو حصو نه بڻجڻ گھرجي، نه ئي وزارتون ورتيون وڃن

ذريعن موجب سينئر اڳواڻن چيو ته حڪومت جو حصو بڻجڻ بدران ن ليگ کي سپورٽ ڪرڻ گھرجي ۽ ن ليگ تي زور وجھجي ته اها پيپلزپارٽي جو منشور اڳتي کڻي هلي، اسين پوئتي هلنداسين، سينئر اڳواڻن جي اڪثريت چيو ته ٻيهر ن ليگ تي اهڙو ڀروسو ڪرڻ ٺيڪ ناهي، ن ليگ سان اتحاد اسان کي سياسي نقصان ڏيندو. ڪمزور اتحاد جو حصو بڻجڻ کان بهتر آهي اپوزيشن ۾ ويهڻ گھرجي

هوڏانهن ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي مرڪز ۾ اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ فارمولو تيار ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب، وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ ۽ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ ( ف ) وچ ۾ سياسي اتحاد جو امڪان آهي، جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ٻه نقاطي فارمولو تيار ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهه ٻول ۾ ڪردار ادا ڪندڙ انتهائي اهم شخصيت ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي سي اي سي اجلاس ۾ اتحادي حڪومت جي حوالي سان ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي ويندي

ذريعن موجب، ٻه نقاطي فارمولي تحت پهرين مرحلي ۾ وڌيڪ سيٽن واري پارٽي جو وزيراعظم ٽي سال رهندو ٻئي مرحلي ۾ ٻن سالن لاءِ ٻي جماعت جو وزيراعظم هوندو جڏهن ته پ پ پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ مريم نواز جي حمايت جي خاطري ڪرائيندي

ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي سي اي سي اجلاس کان پوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي شيري رحمان، شازيا مري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، سي اي سي جو اجلاس اڄ به جاري رهندو

هنن ٻڌايو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويوآهي ته ٻين پارٽين سان به رابطو ڪيو ويندو، ان ڪري رابطا ڪاميٽيون جوڙي رهيا آهيون، اسين سمورين سياسي پارٽين سان رابطو ڪنداسين

هنن چيو ته اجلاس ۾ سمورن اڳواڻن جي تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويو، اڃا به غور ڪنداسين، سڀني اڳواڻن پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن، انهن جي روشني ۾ اڳتي وڌنداسين

Leave A Comment