ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ پاران سنڌ جي مختلف ميونسپل ڪاميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن جي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو
مٺي ميونسپل ڪاميٽي لاءِ چيئرمين منوج ڪمار ملاڻي وائيس چيئرمين سمترا منجياڻي، گهوٽڪي لاءِ چيئرمين ڄام آصف رزاق ۽ وائيس چيئرمين سک ديو، ميرپور ماٿيلي لاءِ مير شعبان لنڊ چيئرمين ۽ خالد مغل وائيس چيئرمين کي نامزد ڪيو ويو
خيرپور لاءِ ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو ۽ وائيس چيئرمين منير منگي، گمبٽ لاءِ چيئرمين عبدالطيف شيخ ۽ وائيس چيئرمين سجاد حيدرشاهه ۽ ٽنڊي آدم لاءِ چيئرمين مرتضيٰ جوڻيجو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ملڪ ذوالفقار پ پ جا اميدوار هوندا
شهدادپور لاءِ چيئرمين علي مرتضيٰ ٿهيم ۽ وائيس چيئرمين لقمان راڄپر ، موري لاءِ چيئرمين نذير ميمڻ ۽ وائيس چيئرمين انور قائمخاني، نوشهري فيروز لاءِ چيئرمين پير قربان ۽ وائيس چيئرمين ڪاشف ميمڻ، بدين لاءِ چيئرمين پير محمد صالح ۽ وائيس چيئرمين علي اڪبر ميمڻ کي نامزد ڪيو ويو
ماتلي لاءِ چيئرمين رضوان احمد قائمخاني ۽ وائيس چيئرمين قاضي عبدالوهاب عباسي، دادو لاءِ چيئرمين پير دانش ۽ وائيس چيئرمين خالد ميراڻي، ڪي اين شاهه لاءِ چيئرمين ڊاڪٽر خليل ڪلهوڙو ۽ وائيس چيئرمين غلام محمد شيخ اميدوار هوندا
جوهي لاءِ چيئرمين عالم خان ۽ وائيس چيئرمين شريف جمالي، هالا لاءِ چيئرمين گل محمد پنهور ۽ وائيس چيئرمين محمد صفر ميمڻ، ٻولهاڙي لاءِ چيئرمين فقير داد کوسو ۽ وائيس چيئرمين منٺار خاصخيلي، ڪوٽڙي لاءِ چيئرمين ارباب جعفر شورو ۽ وائيس چيئرمين فخرالدين ميو کي نامزد ڪيو ويو
ٽنڊي الهيار لءِ سيد ثمر حسين شاهه ۽ وائيس چيئرمين لاءِ سليم احمد خانزادو، عمرڪوٽ لاءِ چيئرمين سيف خالد سومرو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ڊاڪٽر گهنشام داس راٺوڙ ، ٽنڊي محمد خان لاءِ چيئرمين شاهنواز شاهه ۽ وائيس چيئرمين ڪريم شيخ پ پ جا اميدوار هوندا
ٺٽي لاءِ چيئرمين ادا محمد ميمڻ ۽ وائيس چيئرمين عزيز ميمڻ، سجاول لاءِ چيئرمين آفتاب شاهه ۽ وائيس چيئرمين سجاد لغاري، پني عاقل لاءِ چيئرمين عبدالقوي انڊهڙ ۽ وائيس چيئرمين بابر مصطفيٰ بوزدار، روهڙي لاءِ چيئرمين مير يعقوب ۽ وائيس چيئرمين ارسلان ميمڻ اميدوار هوندا. جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي سانگهڙ ۽ ميهڙ تي اميدوارن جو فيصلو نه ٿي سگهيو هو