پ پ پاران چونڊيل نمائندن جا مڪمل اثاثا ظاهر ڪرڻ جي مخالفت: اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم تجويز
مَي 14, 2025
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل محدود پيماني تي ظاهر ڪرڻ جو بل پيش ڪري ڇڏيو، اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي اختيار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي، ان بل سوڌو 13 مختلف ترميمي بل پيش ڪيا ويا، لاڳاپيل ڪاميٽين حوالي، ٻه بل منظور به ڪيا ويا. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجي ميمبر ڪاروائي تحت 13 مختلف ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا، جن کي لاڳاپيل ڪاميٽين حوالي ڪيو ويو، پيپلزپارٽي جي شازيه مري ۽ سيد نويد قمر پاران اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2025ع به پيش ڪيو ويو، انهي ترميمي بل ذريعي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جا هر سال اثاثا ظاهر ڪرڻ کي قانوني طور لازمي بنائيندڙ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 138 ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آھي. تجويز ڪيل ترميم ۾ چيو ويو آھي ته اثاثا ظاهر ڪرڻ جي حد تائين بهتر حڪمراني ۽ فردن جي رازداري ۽ سڪيورٽي جي لاءِ عام مفادن وچ ۾ نوازن برقرار رکيو ويندو، ان حد جو تعين لاڳاپيل اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين ڪندو، بل ۾ چيو ويو ته ترميم جو مقصد شفافيت ۽ انفرادي حقن جي تحفظ وچ ۾ متوازن نقطه نظر کي يقيني بنائڻ آھي، اثاثن ۽ رهتن جي گوشوارن جو شايع ٿيڻ احتساب کي هٿي ڏيڻ، عوامي عهدن تي اعتماد وڌائڻ ۽ بهتر طرز حڪمراني کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو پر اهو مامرو تسليم ٿيل آھي ته غير محدود يا حد کان وڌيڪ تفصيل ظاهر ڪرڻ سان پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ انهن جي خاندانن جي ذاتي سڪيورٽي ۽ رازداري کي ممڪن طور تي نقصان پهچي سگهي ٿو، پيش ٿيل بلن ۾ پيپلزپارٽي جي آغا رفيع الله جو پاڪستان جنرل ڪاسميٽڪس ايڪٽ 2023 کي ختم ڪرڻ جو بل به شامل آھي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪاسميٽڪس غير معياري جزن جي استعمال سان انساني صحت کي سنگين خطرا لاحق ٿين ٿا، خاص طور عورتن جو چهرو متاثر ٿي رهيو آهي، ان ڪري هن بل کي ختم ڪيو وڃي، اسامه احمد جي پيش ڪيل بل ۾ چيو ويو آھي ته هن بل جي منظوري بعد ڪنهن به سرڪاري ملازم کي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪاميٽين جي اڳواٽ منظوري کانسواءِ رٽائرمينٽ بعد ڪنهن به ملازم کي ٻيهر ملازمت نه ڏني ويندي، سحرڪامرن جي منشيات جي روڪٿام واري قانون ۾ پيش ڪيل ترميمي بل ۾ چيو ويو آھي ته هن ترميم جي قانون بڻجڻ بعد سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي منشيات اسڪريننگ ٽيسٽ ڪرائي ويندي، علي موسي گيلاني پاران ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل، شرميلا فاروقي جو اسلام آباد ۾ بزرگ شهرين بابت ترميمي بل، شاهدا رحماني جو انڊسٽريل رليشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل، شائسته خان جو واهه ڪينٽ ۾ جديد علمن لاءِ اداري جي قيام جو بل ، ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل، المصدق نالي تعليم اداري جي قيام جو بل، راول عالمي يونيورسٽي جي قيام جو بل به پيش ڪيو ويو. جڏهن ته قومي اسيمبلي عالمي امتحانن جي بورڊ جي قيام جو بل ۽ سائنس ٽيڪنالاجي جي گهرڪي نالي تعليمي اداري جي قيام جو بل منظور ڪري ورتو.