پ پ پارليامينٽرينز کي تير، ن ليگ جو شينهن چونڊ نشان: تحريڪ انصاف جو خانو في الحال خالي

جنوري 10, 2024

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي آءِ نظرياتي کي بيٽنگ ڪندڙ بيٽر جو چونڊ نشان ملي ويو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف سميت 10 سياسي پارٽين جا نالا چونڊ  نشانن واري لسٽ ۾ شامل نه آهن. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سڄي ملڪ جي ريٽرننگ آفيسرن کي پارٽين جي چونڊ نشانن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن تحت پاڪستان تحريڪ انصاف نظرياتي کي بيٽ جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز کي تير، پاڪستان مسلم ليگ نواز کي شينهن، استحڪام پاڪستان پارٽي کي باز جو نشانالاٽ ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي لغڙ، جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان کي ڪتاب جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ جماعت اسلامي پاڪستان کي ساهمي جو نشان ڏنو ويو آهي.  اليڪشن ڪميشن پاران ريٽرننگ آفيسرن کي لکيل خط ۾ 145 سياسي پارٽين جا چونڊ نشان شامل آهن، تحريڪ انصااف جو چونڊ نشان نه اماڻيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن آر اوز کي هدايت ڪئي آهي ته ڄاڻايل لسٽ موجب سياسي پارٽين جي نامزد اميدوارن کي لاڳاپيل چونڊ نشان الاٽ ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪنهن آزاد اميدوار کي ڪنهن پارٽي جو چونڊ نشان الاٽ نه ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن موجب فهرست ۾ موجود نشانن کان سواءِ چونڊ نشان اميدوار کي نه ڏنا وڃن. تحريڪ انصاف سميت 12 کان وڌيڪ سياسي پارٽين جا نالا چونڊ نشان واري لسٽ م شامل ناهن. انهن پارٽين کي انٽراپارٽي چونڊون نه ڪرائڻ جي ڪري چونڊ نشان روڪيا ويا آهن.

Leave A Comment