ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) غيرسرڪاري نتيجن موجب ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو پيپلزپارٽي پنهنجو ميئر آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، مرتضيٰ وهاب هڪ سئو 73 ووٽ کڻي حافظ نعيم الرحمان کي شڪست ڏئي ڇڏي، جماعت اسلامي چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا
ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ آرٽس ڪائونسل ۾ پولنگ ٿي جنهن ۾ 3 سئو 64 ميمبرن مان 3 سئو 33 ڄڻن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، پ پ اميدوار مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان مراد هڪ سئو 73 ووٽ کڻي ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر طور ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان کي 160 ووٽ مليا اهڙي ريت هن صرف 10 ووٽن تان شڪست کاڌي
پاڪستان تحريڪ انصاف جا 33 ميمبر ووٽ ڏيڻ لاءِ نه پهتا جنهن تي جماعت اسلامي سخت احتجاج ڪيو
ووٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ آرٽس ڪائونسل جا سمورا دروازا بند ڪيا ويا، ميڊيا جي نمائندن کي به اندر وڃڻ نه ڏنو ويو
ٻئي پاسي جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان چونڊ نتيجن کي رد ڪندي پ پ مٿان ڌانڌلي ڪرائڻ جا الزام هنيا آهن
حافظ نعيم چيو آهي ته پولنگ جي وقت کان اڳ دروازا بند ڪيا ويا، گرفتار ڪيل ميمبرن کي عدالتي حڪم باوجود ايوان ۾ نه آندو ويو جيڪا سراسر ڌانڌلي آهي
حافظ نعيم ميئر جي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته جمهوري روايتن جي ابتڙ ٿيل اليڪشن کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو هر فورم تي آواز اٿارينداسين