پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي خاندان پاران شادي لاءِ دٻاءُ وڌي ويو
نومبر 30, 2023
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي خاندان پاران شادي لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري چاهي ٿو ته سندس حياتي ۾ ئي بلاول ڀٽو جي شادي ڏسي وڃي ۽ ان لاءِ پڦي ۽ ٻيا به سرگرم آهن هاڻي بلاول لاءِ سڱ ڳوليو پيو وڃي
بلاول ڀٽو زرداري ڪنهن کي پسند ڪري ٿو يا نه؟ ان حوالي سان هن ڪڏهن پنهنجي خيالن جو اظهار ناهي ڪيو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ان ڳالهه تي به راضي آهي ۽ ڪو به اعتراض نه ڪندو
بلاول ڀٽو زرداري جنهن کي چاهي پسند ڪري سگهي ٿو. اهو امڪان آهي ته بلاول جي شادي اليڪشن جي فوري بعد ٿي ويندي ڇو ته بلاول ڀٽو به گهوٽ بڻجڻ لاءِ راضي ٿي چڪو آهي