| پ پ ڌمڪيون نه ڏئي، اسان وياسين ته سڀ ويندا: امير مقام |
مظفرآباد (م ڊ) ڪشمير معاملن بابت وفاقي وزير امير مقام، آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته بار بار ڌمڪيون ڏيڻ مناسب ناهي، کين اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان وياسين ته سڀ گڏ وينداسين. مظفرآباد جي علائقي کاوڙا ۾ مسلم ليگ (ن) جي جلسي کي خطاب ڪندي امير مقام چيو ته ميرپور جي عوام مسلم ليگ (ن) تي اعتماد ڪيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي الزام هڻڻ بدران اهو جائزو وٺڻ گهرجي ته عوام کين ڇو رد ڪيو. رپورٽ موجب هن دعويٰ ڪئي ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ۽ انتظاميا پيپلز پارٽي جي اثر هيٺ آهي، تنهن هوندي به چونڊن بابت بي بنياد الزام لڳائڻ بدران عوام جي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي. امير مقام چيو ته پيپلز پارٽي پاڻ به موجوده نظام جو حصو آهي ۽ اهم آئيني عهدن تي آهي، تنهن ڪري ڌمڪين واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي.