پ پ کي ووٽ نه ڏيندڙ حڪومت ٺھڻ کانپوءِ امداد وٺڻ نه اچي: مخدوم جميل الزمان

جنوري 18, 2024

ھالا (رپورٽ: اڪرم کوکر)  اين اي 216 مٽياري جي اميدوار ۽ پ پ اڳواڻ مخدوم جميل الزمان جي مخدوم ھائوس ھالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ھر حڪومت ڪندڙ کي 5 سال پورا ملڻ گھرجن، مخدوم جميل الزمان پنھنجي ئي قائد بلاول ڀٽو زرداري، پي ٽي آءِ باني، محمد نواز شريف سميت سڀني طاقتور ڌرين کان ذاتي حيثيت ۾ سوال ڪندي چيو ته آئون پڇڻ ٿو چاھيان ته  پاڪستان ۾ عوام جي ڀلائي خاطر پاڻ 5 سال گڏجي حڪومت نٿا ڪري سگھو،؟ رڳو پيا ھڪ ٻئي جي پٺيان وڙھون. جڏھن ته ٺھرائي ته  ھڪڙي نالي ۽ روڊ به نٿا سگھون. مخدوم جميل الزمان جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي جيڪو ووٽ ڪرڻ ٿو چاھي ته ڀلي ڪري جيڪو ووٽ نٿو ڪرڻ چاھي ته نه ڪري، پر جيڪو مخالفت ڪري ٿو اھو پ پ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ  وري امداد گھرڻ نه اچي.

Leave A Comment