پ پ کي 2013 ۾ جنرل پاشا، افتخار چوڌري ۽ هڪ سياسي پارٽي پنجاب مان ڪڍيو، هڪ اتحادي ڏکي وقت پيرين ۽ پوءِ ڳچي ۾ هٿ وجهندي آهي: بلاول

سيپٽمبر 15, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2013 ع ۾ جنرل پاشا، افتخار چوڌري ۽ هڪ سياسي پارٽي سازش ڪري پيپلزپارٽي کي پنجاب مان ڪڍيو، بعد ۾ پاڻ به پنجاب مان پ پ جي نيڪالي جو نقصان ڀوڳيو

لاهور ۾ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو هڪ اتحادي بابت چيو ويندو آهي ته ڏُکئي وقت ۾ پيرئين پوندا آهن، ڏُکئي وقت مان نڪري وڃن ته ڳچي ۾ هٿ وجهندا آهن

هن  اليڪشن ڪميشن کان جلد چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته  ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ بابت شڪايت اداري نه، پر هڪ سياسي پارٽي سان آهي، پيپلز پارٽي آصف زرداري کي اختيار ڏنا آهن ته اِن بابت خدشا ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي، اُن کانپوءِ ئي کُلي ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ هوندس

بلاول چيو ته نيب ترميمن بابت فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته عدالت مان اهڙي ئي فيصلي جي توقع هئي، ڪيسز نئين قانون تحت هجن يا پُراڻي قانون تحت، پيپلز پارٽي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي

سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ڪارڪردگي بابت تاريخ فيصلو ڪندي، عدليه بحالي سان جمهوريت کي ڪيترو نقصان ٿيو؟ اُن جو فيصلو به تاريخ ڪندي

ٻئي طرف نيب ترميم ڪيس بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهيو ناهي پر اهڙي فيصلي جي ئي توقع هئي، تاريخ عمر عطا بنديال صاحب جي ڪارڪردگي بابت فيصلو ڪندي، اسان ته نيب ڪيسز کي منهن ڏئي چڪا آهيون، پوءِ ڀلي اُهي پراڻي قانون تحت هجن يا نئين قانون تحت هجن، پيپلزپارٽي لاءِ نيب نئين ڳالهه ناهي

پ پ چيئرمين چيو ته عمر عطا بنديال آخري چيف جسٽس هو، جيڪو افتخار چوڌري جي بحالي جي نوٽيفڪيشن جي سلسلي ۾ جج ٿيو، عدليه جي بحالي سان جمهوريت کي نقصان ٿيو يا نه، اُن جو فيصلو تاريخ ڪندي، نيب آمر جو ٺاهيل ادارو آهي، اُن کي بند ڪرڻ گهرجي

 هن چيو ته چونڊن جي تاريخ ايندي ته پنهنجي چونڊ حڪمت عملي پڌري ڪنداسين، تاريخ جي اعلان بعد سياسي جماعتون اليڪشن موڊ ۾ اچي وينديون، اسان چونڊن جي تاريخ جي درخواست ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن

Leave A Comment