پ پ ڪئنال رٿا روڪرائي يا حڪومت ڇڏي: سنڌو بچايو تحريڪ پاران جمعي تي احتجاج جو سڏ
مارچ 12, 2025
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو درياءِ بچايو تحريڪ چولستان سميت تڪراري ڪئنالن جي اڏاوت کي غير آئيني قرار ڏيندي 14 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد زين شاھه، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار رحيم، ڪرم ٽالپر ۽ ٻين چيو ته حڪمران هوش کان ڪم وٺي ڪئنالن جي منصوبي کي ختم ڪري رياست کي بچائين. جيڪڏهن سنڌ جو پاڻي ڦُريو ويو ته ايم آر ڊي کان به وڏي تحريڪ جو آغاز ٿيندو. حڪمرانن جي غير منصفاڻن ۽ ناجائز فيصلن سبب سنڌ ۾ تشدد واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ ڪارپوريٽ فارمننگ جي نالي ۾ خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي، گريٽر ٿل ڪئنال، جلالپور ڪئنال ۽ چولستان ڪئنال ذريعي پنجاب جي لکين ايڪڙ بنجر زمين آباد سنڌ جي 35 لک ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيندي، نئين ڪئنالن سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي، شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي ختم ٿي ويندو، سنڌوءَ جي خشڪ ٿيڻ سان ايڪو سسٽم تباهه ٿي ويندو، جر سڪي ويندو، هنن چيو ته اسان ھن وقت پرامن جدوجهد ڪريون پيا، ايئن نه ٿئي جو صورتحال اسانجي ھٿن مان نڪري وڃي، هن چيو ته صدر آصف زردري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪئنالن جو ذڪر ڪيو پر سندس بيان بلڪل ڪمزور هو، عوام کي چڱي ريت خبر آهي ته 8 جولاءِ تي صدر زرداري انهن ڪئنالن جي منظوري ڏني، صدر کي گهرجي ته هو ڪئنالن جي تعمير جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي، هنن چيو ته پ پ قيادت ڪوڙ پئي ڳالهائي، اها ڪئنال رٿا روڪرائي نٿي سگهي ته حڪومت کان الڳ ٿئي، هنن چيو ته جيڪڏهن حڪمران آئيني فيصلن تي عمل نٿا ڪن ته پوءِ اسان لاءِ به آئيني راهه تي هلڻ مشڪل ٿي پوندو. هنن چيو ته پير صاحب پاڳارو ڪئنالن تي بيان ڏئي چڪو آهي. انهي مامري تي سنڌ ۾ ايم آر ڊي کان به وڏي تحريڪ شروع ٿي رهي آهي. جيڪا ڪئنالن جي رد ٿيڻ تائين جاري رهندي. 14 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، جنهن ۾ شاگردن، وڪيلن، آبادگارن ۽ ٻين طبقن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.