اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو اسٽيبلشمينٽ سان ڳنڍيو پيو وڃي ته اُها فطري ڳالهه آهي، پ پ ۽ نواز ليگ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي نالي تي اتفاق ڪيو هو
سندس چوڻ هو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جو اشارو شروع کان ڏنو پئي ويو، نگران سيٽ اپ کي شهباز شريف جي ڀيٽ ۾ گهڻي گنجائش ملندي، چونڊن ۾ دير يا نگران سيٽ اپ کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪابه ڪوشش نه ٿي رهي آهي
هن چيو ته تڪبندين جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۾ دير ٿي سگهي ٿي، رِسڪ زيرو ٿيڻ تائين نواز شريف جي واپسي جو رِسڪ نه کڻنداسين، ڏسنداسين ته ڪنهن ٻئي جو حساب نواز شريف سان برابر ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿئي، تاحيات نااهلي واري ڳالهه ختم ٿي چڪي آهي
صدر جي خطاب تي رد عمل ۾ خواجه آصف چيو عارف علوي جڏهن پي ٽي وي تي حملو ڪري شاباسي وٺي رهيو هو ته اُن وقت ڇا سوچيو؟ عارف علوي ماضي کي پنهنجي آڏو رکي ته ڇا هُنن درگذر کان ڪم ورتو