پ پ ۾ اڄ ڪو نظريو ناهي، سسٽم حاوي آهي: مرتضيٰ جتوئي

  پ پ ۾ اڄ ڪو نظريو ناهي، سسٽم حاوي آهي: مرتضيٰ جتوئي

مورو(ن پ ا) نيشنل پيپلز پارٽي جي  چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته سنڌ جي صورتحال انتھائي خراب ٿي چڪي آھي، ھر پاسي ڦرلٽ ۽ قتل عام عروج تي پھتل آھن، گھوٽڪي ۽ شڪارپور ڏانھن اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي پيو آھي،  علائقن ۾ اثر رکندڙ پڻ غير محفوظ بڻيل آھن، رات جي وقت اپر سنڌ نو گو ايريا بڻجي ويوآھي، حڪومت امن قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺن، حڪمرانن جو ڌيان پئسن ڪمائڻ، ڪرپشن ڪرڻ ۽ مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ڏانھن ھوندو ته امن امان قائم نه ٿي سگھندو، ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته بدامني ھڪ بيماري آھي، جنھن جو بروقت علاج نه ڪرڻ سان اھا وڌندي ۽ سنڌ جي ھر علائقي ۽ هر شھر تائين پھچندي ھن چيو ته جيڪي ايس ايس پيز پئسا ڏئي ايندا ۽ ھر مھيني منٿلي پھچائيندا، اهي امن ڪيئن بحال ڪرائي سگھندا؟  ھن چيو ته اڄ مون مٿان ڪيس داخل ٿين پيا، سڀاڻي توھان سان ڪھڙو حشر ٿيندو؟  آئون  تي ڪيسن کي منھن ڏيان پيو،  جج  به انصاف ڏين پيا، ھن چيو ته اسان پيپلز پارٽيءَ جا بنيادي رڪن رھيا آھيون، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پارٽي نظرياتي ھئي ، عوام کي سجاڳ ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو، جيڪو ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھجي. شھيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ به پ پ 50 سيڪڙو نظرئي تي ھلي، بينظير  سنڌ جي ريتن رسمن ۽ رواجن کي سمجھندي ھئي،  موجود پيپلز پارٽي انھن نظرين کان تمام گھڻو پري آھي، اها سسٽم ۾ اچي چڪي آھي، عوام کي ڪا سھولت ناھي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو منشور ھو ته نجڪاري نه ٿيندي،  انهي ھوندي نجڪاري ٿئي پئي،موجوده پيپلزپارٽي جو ڪو به نظريو ناهي، هڪ سسٽم آهي، جنهن کي سڀ چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا: اين پي پي سربراهه مرتضيٰ جتوئي جون مورو ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهيون، مرتصيٰ جتوئي چيو آهي ته بدامني جي باهه سڄي صوبي تائين پکڙجي چڪي آهي، ماڻهن جون زندگيون محفوظ نه آهن، سنڌ جي حڪمرانن جو ڌيان رڳو پئسو ٺاهڻ تي آهي، جيڪي ايس ايس پي پئسا ڏئي ايندا ۽ منٿليون ڏيندا، اهي امن ڪيئن قائم ڪري سگهندا…………