پ پ 28هين ترميم ۾ مڪاني بل جي حمايت نه ڪئي ته 18هين ترميم ختم ٿيندي: سنڌ ۾ نئون صوبو ٺهندو: متحده … سنڌ کي ڪير ورھائي نٿو سگهي، متحده مئل سياست کي جيئرو ڪرڻ لاءِ الزام پئي مڙهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) متحده سان لاڳاپيل صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال انيس قائمخاني ۽ فيصل سبزواري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  پ پ 28هين ترميم ۾ اسان جي مڪاني ادارن واري بل جي حمايت نه ڪئي ته 18 ترميم ختم ٿي ويندي ۽ سنڌ ۾ نئون صوبو به ٺهندو، هنن چيو ته مڪاني اداري واري قانون ۾ ترميم لاءِ متحده پنهنجو مسودو سمورين پارٽين سان ونڊيو وفاقي ڪابينا پڻ اھو منظور ڪري ورتو ھو، پر پوءِ اھو 27 ترميم ۾ شامل نه ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم ملڪ جي وسيع تر مفادن خاطر خاموش رھي، ھاڻي اھو مسودو 28 ترميم ۾ شامل ٿيندو، پ پ جيڪڏهن مڪاني کاتن جا اختيار نه ڏنا ته محروم وڌندي ۽ سنڌ ۾ نئين صوبي جو مطالبو پڻ ٿيندو،  ھن چيو ته  ايم ڪيو ايم پھرين ڊسمبر 2023ع تي  پنهنجو مسودو نواز ليگ حوالي ڪيو ھو، شهباز شريف چوندن بعد  اسان کي وزارتن جي آڇ ڪئي، پر اسان اهو شرط رکيو ته اسان حڪومت جو حصو تڏهن ٿينداسين، جڏھن اوھان اسان جي ترميمي بل ۾ مدد ڪندا، هن چيو ته 26 آئيني ترميمي بل وارو جڏهن اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾پھتو تڏھن اسان کي نواز ليگ حڪومت چيو ته ھينئر اسان وٽ حالتون ساٿ نٿيون ڏين جو سمورين پارٽين کان اوهان جي بل تي حمايت حاصل ڪري سگهجي. هينئر وري پيپلزپارٽي 27 آئيني ترميم واري بل جي حمايت نه پي ڪئي ـ وزيراعظم اسان کي گذارش ڪئي ته 27هين ترميم واري بل ۾ پاڪستاني فوج ۽ عدليا جي حوالي سان اھم ترميمون آھن. اسان اھو فيصلو ڪيو ھو ته اسان جي بل تي بحث نه ٿيو ته اسان استعيفائون ڏينداسين، هن چيو ته  پنجاب اسيمبلي ڪجهه ھفتا اڳ پھرين اڪثريتي راءِ سان ايم ڪيو ايم جو ڊرافٽ ڪيل بل منظور ڪيو آهي، هن چيو ته  ملڪ ۾ مڪامي حڪومتون ضروري آھن،  ھن چيو ته پاڪستان ۾ مڪاني اميدوارن کي اختيار ھجن ھا ته بلوچستان ۾ احتجاج نه ٿين ھا ۽ نه ئي ماڻهو ھٿيار کڻي جبلن تي چڙھن ھا.70 سالن کان اسان پنھنجي فوج کي پنھنجن ماڻھن سان ويڙھائي رھيا آھيون. مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ وارو مسئلو ايم ڪيو ايم جو نه پر پاڪستان جي بقا جو مسئلو آھي. جيڪڏهن  17 سالن جي تاريخ ڏسون ته ڪراچي لاء مليل 3000 ارب رپين مان شهر کي ھڪ رپيو به ناهي مليو، انڪري ئي مڪاني ترميمي  بل جي ضرورت پئي آھي. 28 آئيني ترميم ۾ اسانجي پيش ٿيندڙ انھي بل ۾ اسان سڄي سنڌ جي ڳالهه ڪريون پيا، سکر، حيدرآباد، شڪارپور، سميت ٻيا شھر  به خودمختيار ھوندا.. هن چيو ته پيپلزپارتي اچي ڳالهيون ڪري، پيپلزپارتي جيئن 27هين ترميم جي حمايت ڪئي، تئين 28هين ترميم جي به حمايت ڪري،  حڪومت خاطري ڪرائي آهي ته ايندڙ ترميم ۾ اسان جو بل شامل ڪندي

ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنھن کي 28 ترميم آڻڻي آھي ته کيس صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان رابطو ڪرڻو پوندو، سنڌ کي ڪير به ورھائي نٿو سگهي ، متحده پنهنجي مئل سياست کي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آھي، انھي ڪري پريس ڪانفرنس ذريعي پيپلز پارٽي تي بي بنياد الزام لڳائي رھي آھيصوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 27 هين ترميم بلاول ڀٽو زرداري جي ٽوئيٽ سان شروع ٿي، جنهن ۾ آئيني عدالت جي قيام، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ جي بحالي، ججن جي منتقلي( بدلي) ، اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي جو تحفظ  ختم ڪرڻ، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ۽ اليڪشن ڪميشنر جي مقرري ۾ دير جهڙا نقطا شامل هئا. انهن مان ڪيترائي نقطا پيپلز پارٽي ڪڏهن به قبول ناهن ڪيا، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ٽوئيٽ ۾ مڪاني ادارن جو ڪو به ذڪر نه هو،  هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي نفرت جي سياست بند ڪري مثبت سياست اختيار ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي صوبن جي حقن جي سڀ کان وڏي ضامن آهي. ھن  جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفائن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي عدالتي نظام جسٽس ثاقب نثار جهڙا دور به ڏٺا، جن ۾قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي  وئي، ڪجهه جج  عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جا پوئلڳ هئا. انهن خلاف بدانتظامي جا ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن ها، هن چيو ته سنڌ جو ورهاڱي ناممڪن آهي، دنيا ۾ ڪا به اهڙي طاقت ناهي جيڪا سنڌ کي ورهائي سگهي.