ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پيپلزپارٽي 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اڳواڻن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان ڳالهائينداسين
نه مڃيو ويو ته عدالت وينداسين، پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ بابت آئين واضح آهي، اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ۽ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن
ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس بعد شيري رحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اجلاس ۾ عوام کي ڏکيائين مان ڪڍڻ واري پاليسي تي غور ڪيو ويو
شيري رحمان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان 29 آگسٽ تي ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ اسان پنهنجي موقف کان کين آگاهه ڪنداسين، اسان جو موقف آهي ته ڊجيٽل آدمشماري تڪراري هئي، سي سي آءِ ۾ چيو ويو هو ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي
تڪبندين کي سبب بڻائي چونڊن ۾ دير نٿي ڪري سگهجي، تڪبندين ۾ سيٽن ۾ واڌ نه ٿيڻي هئي، وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو مقصد آهي ته چونڊون وقت تي ٿين، وقت تي چونڊن لاءِ آدمشماري کي منظور ڪيو، آدمشماري سان قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ تبديلي نه ايندي
هوڏانهن ناصر شاهه چيو آهي ته آدمشماري تي اليڪشن ڪميشن وٽ وينداسين، اميد ته مثبت جواب ملندو، پر ڪو مثبت جواب نه مليو ته پوءِ عدالت وينداسين، اسان کي نگران سيٽ اپ ۾ پنهنجا ماڻهو نه کڻڻ تي ڪو اعتراض ناهي، جسٽس مقبول باقر اسان جو ئي تجويز ڪيل هو جيڪو وڏو وزير ٿيو آهي