ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان مان 2 نوجوان مبينا گم گذريل رات جو دير سان پيٽرول پمپ وٽان ھڪ ڪار ۾ سوار خانگي ۽ پوليس جي وردي پھريل ماڻھن شھر جي ٽائون ڪميٽي ٿاڻوبولاخان جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي ڄامشورو اتحاد پاران چونڊ وڙھندڙ عبداللطيف خاصخيلي جي ڀاء فيروز خاصخيلي ۽ ممتاز پالاري کي مبينا کنڀي گم ڪري ڇڏيو
فيروز خاصخيلي رازڪي جو ڪم ڪندو آھي جنھن کي ٺيڪو ڏيڻ جي بھاني پمپ تي گھرائي مبينا طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي جنھن جو 36 ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ به پتو نه پئجي سگھيو آھي جنھن سبب ٻنھي نوجوانن جا وارث پريشان آھن
ٻئي پاسي مبينا گم ڪيل نوجوان جي ڀاءُ عبداللطيف خاصخيلي پاران نوري آباد ۽ ٿاڻوبولاخان پوليس خلاف سيشن ڪورٽ ڄامشورو جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي ھئي جنھن کانپوءِ سيشن جج پاران اوچتو ٿاڻوبولاخان پوليس اسٽيشن جو دورو ڪيو پر مبينا گم ٿيل نوجوان نه ملي سگھيو جنھن کانپوءِ سيشن جج پوليس جي روزنامچي انٽري ڪري نڪري ويو.