ٿاڻي بولاخان ويجهو سهي جو شڪار،گولي لڳڻ سبب شڪاري فوت

ٿاڻي بولاخان ويجهو سهي جو شڪار،گولي لڳڻ سبب شڪاري فوت

ٿاڻو بولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان يوسي تونگ جي رهواسي ميان بخش پٽ محمد صادق ڇٽو ڳوٺ جهنڊو ڇٽو جو رهواسي مبينا طور بندوق جي فائر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، لاش کي وارث تعلقا اسپتال ٿاڻو بولا خان کڻائي آيا جتي پوسٽ مارٽم ڪيو پيو ويو ، وارثن موجب ميان بخش تونگ ويجهو دمبار جبل تي سهي جي شڪار لاءِ ويو هو جتي ساڻس گڏ رسول بخش ڇٽو پڻ موٽر سائيڪل تي سوار هو ٻڌايو پيو وڃي ته ميان بخش کي پنهنجي ئي بندوق جي گولي لڳي جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ بعد ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو ٻئي طرف شڪار لاءِ ساڻس گڏ ويل رسول بخش ڇٽو کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، کانئس پڇاڳاڇا ڪئي پئي  وڃي.