| ٿاڻي بولاخان ويجهو پوليس پاران سوزوڪي جي تلاشي، جهيڙو، احتجاجن روڊ بلاڪ، ڊرائيور گرفتار |
ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان پوليس ڳجھي اطلاع تي ٿاڻوبولاخان لنڪ روڊ تي پيٽرول پمپ وٽ ڪوھستان جي علائقي ڀال کان عثمان شاه ھڙي ڏانھن ويندڙ سوزوڪي کي روڪي تلاشي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، تلاشي نه ڏيڻ واري معاملي تان پوليس ۽ سوزوڪي ۾ سوار ماڻھن وچ ۾ منھن ماري ٿي پئي جنھن دوران سوزوڪي ۾ سوار عبدالقيوم عاقلاڻي ، امين عاقلاڻي ، دريا خان عاقلاڻي لنڪ روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته پوليس ساڻن زيادتي ۽ عورتن جي بي عزتي ڪئي وئي. ھوڏانھن پوليس موجب اسان گاڏي جي تلاشي جو چيو پر انھن تلاشي ڏيڻ بدران اسان کي گھٽ وڌ ڳالھايو ھنن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن کان پوءِ ڪجھ مقامي ماڻھن جي وچ ۾ پوڻ کان پوءِ سوزڪي ۾ سوار مرد عورتن کي ٻي گاڏي ۾ سوار ڪري عثمان شاھ ھڙي روانو ڪيو ويو جڏهن پوليس سوزڪي جي ڊرائيور بابر عاقلاڻي کي سوزڪي سميت حراست ۾ وٺي جڏھن تلاشي ورتي جنھن دوران سوزڪي مان 4 ڪٽا سوپاري چوري جا ھٿ ڪيا ويا، ٿاڻوبولاخان پوليس بابر عاقلاڻي خلاف منشيات جو ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ ڪري ڇڏيو