| ٿاڻي بولا خان جو چوهڙ لڪ روڊ ٽن سالن ۾ به مڪمل نه ٿيو |
ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان چوهڙ لڪ جبل جو روڊ 3 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگھيو، عوام پريشان، ٺيڪيدار پاران ترقياتي ڪم ۾ سست رفتاري سبب جبل تي حادثن جو معمول بڻيل آھي. چوهڙ لڪ جبل جو روڊ، جيڪو 3 سال اڳ عوامي سهولتن کي نظر ۾ رکندي نئي سر تعمير جي لاءِ روڊ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، جيڪو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آهي. ڏيڊ ارب روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ٽي ڪلو ميٽر روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار آھي ترقياتي ڪم جي شروعات عوام جي سھولت جي لاءِ متبادل رستو ڏنو ويندو پر ھن ٺيڪيدار متبادل ڊرائيورزن جو رستو انتھائي خراب حالت وارو ھجڻ ڪري گاڏين جو تمام گھڻو نقصان ٿي رھيو آھي ھتان جي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته روڊ جي تعمير جو ڪم شروعاتي ڏينهن کان ئي سست رفتاري جو شڪار آھي جڏهن ته استعمال ٿيندڙ مٽيريل پڻ غير معياري آھي ڏيڊ ارب روپين جي پروجيڪٽ کي بغير انجنيئر جي چوھڙلڪ جبل جي ڪٽائي ۽ روڊ کي تعمير ڪيو پيو وڃي. پراونشل ھا۽ وي ڊويزن پاران جاري ڪيل ٽينڊر من پسند شخص کي ڏئي ڪوھستان جي عوام کي موٽروي ايم نائن سان ملائيندڙ واحد رستي جو ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار آهي.
ذريعن موجب،ھن روڊ لاءِ سي ايم کان مڪمل فنڊز جاري ٿيڻ باوجود ڪم بي ترتيبي سان هلايو پيو وڃي. رھواسين ۽ ٽرانسپورٽرن وزيراعلئ سنڌ سيد مراد علي روڊس کاتي جي منسٽر ۽ ٻين اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد چوھڙلڪ جبل روڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ۽ عوام کي سھولتون فراھم ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.