Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_83pbpg9jvlmetierucstou4hcr, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٿاڻي کي پٽ ڄائو.......! زاھد راڄپر - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٿاڻي کي پٽ ڄائو.......! زاھد راڄپر - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ٿاڻي کي پٽ ڄائو…….! زاھد راڄپر

شهر ڪُر موڙي ننڊ مان جاڳي پيو هو ۽ سج ڌرتيءَ کي پنهنجي آغوش ۾ وٺڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو. مزدور گڏهه گاڏن وارا پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ شهر پهچي رهيا هئا هوٽلون کلي ويون هيون ۽ چلهه تي رکيل چانهن جي پيالن مان ٻاڦ نڪري رهي هُئي. شهر ۾ پهرين بس مسافرن کي کڻڻ لاءِ بيهي رهي هُئي. ان ويل شهر ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي وئي هُئي ته ”ٿاڻي کي پٽ ڄائو آهي“ جنهن کي اها خبر پئي ملي ان جي حيرت ۽ تجسس ۾ اضافو پئي ٿيو ته ڀلا ٿاڻي کي پٽ ڄمندو آهي ڇا؟ ماين ۾ سوال هُئا ته ادي پٽ ۽ ڌيئر ته مايون ڄڻنديون آهن پر اَئِي…. ٿاڻي کي پٽ ڪيئن ڄائو…!؟ سوال هُئا جو کٽڻ جو نالو نه پئي ورتائون. جيترا هُئا وات اوتريون هُيون ڳالهيون………!
ڪن ان کي ڀوڳ سمجهي نظر انداز ٿي ڪيو. ڪي سوالن جوابن ۾ الجهڻ بنا پنهنجي ڪرتِ ۾ لڳي ويا. ڪيترن سوال جي پهيلي سلجهائڻ لاءِ پئي مٿا کٿا هنيا ته آخر ماجرا ڇا آهي؟ نيٺ ڪنهن صحافيءَ کان رهيو نه ٿيو ۽ هو چانهن جو اڌ ڪوپ ادلوءَ جي هوٽل تي ڇڏي ڳالهه جي پهيلي سلجهائڻ واري خيال کان نڪري پيو. وڃي ٿاڻي تي پهتو ته اُتي ماڻهن جا اڳئي انبوهه بيٺل هُئا. هو ماڻهن جي انبوهه کي چيريندي اڳتي وڌيو ۽ ماڻهن جو انبوهه ختم ٿيندي ڏٺائين ته حيران رهجي ويو.
شهر ۾ گهمندڙ اها چري جوان عورت جيڪا رات جي اوباش ماڻهن، ٻارن ۽ ڪُتن کان تنگ اچي ٿاڻي جي اوٽ ۾ سمهندي هُئي ان کي جهوليءَ ۾ ابهم، رت سان ڀريل چنڊ جي ٽڪري جهڙو سدا ملوڪڙو ٻالڪ هو ۽ هوءَ رت ۾ ٻڏل هُئي پوليس وارا ماڻهن کي تڙي رهيا هُئا ڄڻ چوندا هجن توهان جو ڇا وڃي.. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ سرخي لڳي ته ”ٿاڻي کي پٽ ڄائو!“

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *