ٿر، لاڙ، وچولي ۾ سڀاڻي کان تيز برساتن جو امڪان

ٿر، لاڙ، وچولي ۾ سڀاڻي کان تيز برساتن جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ 14 سيپٽمبر کان کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ مغربي بنگال ۽ اڙيسه جي سامونڊي علائقي تي موجود آهي، اهو سسٽم ڇٽيهه ڳڙهه ۽ لاڳاپيل علائقي وٽ موجود آهي انهي سسٽم جو اولهه طرف وڌڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو ته اڄ شام کان 16 سيپٽمبر تائين ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ٽنڊومحمدخان ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن ۽ طوفان سان برسات پئجي سگهي ٿي. اهڙي طرح 14 کان 16 سيپٽمبر تائين سانگهڙ، خيرپور، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، مٽياري، شهيد بينظيرآباد ۽ ڄامشورو ۾ به کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي ڪراچي ۾ به برسات جي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ به 14 کان 16 سيپٽمبر تائين کنوڻ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته شهر ۾ اڄ موسم گرم ۽ وچولي رهي سگهي ٿي.