ٿري ماروئڙا سنڌي ثقافت جي رنگن ۾ رڱجي ويا، ڏانڊيا، مٽڪو راند، تلوارن سان قديمي رقص

ٿري ماروئڙا سنڌي ثقافت جي رنگن ۾ رڱجي ويا، ڏانڊيا، مٽڪو راند، تلوارن سان قديمي رقص

مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي ۾ ايڪتا ڏينهن  وڏي قومي جذبي سان ملهايو ويو۔   ۽ مٺي شھر ايڪتا ۽ ثقافت  جي انڊلٺي رنگن جو گلدستو بڻيل رهيو. راجپوت برادري سميت مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن پاران ريليون ڪڍيون ويون۔ ٿر جي راجپوت برادري راجپوتي لباس ۾  ايڪتا ريلي ڪڍي ڏانڊيا راند۔ مٽڪو راند ۽ تلوارن سميت مختلف قديمي رقص وارين راندين تي رقص جا ڪرتب ڏيکاري عوام کي حيران ڪري ڇڏيو۔ راجپوت برادري پاران تلوارن ۽ ڏانڍين جي رقص ذريعي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي  اخبار جي سلوگن  منشيات کان پاڪ سنڌ  کي ڀرپور ڀيٽائون ڏنيون ويون۔ راڻا ڪوٺڙي کان ڪنور ڪرني سنگھ ۽ وڪيل جهلم سنگھ جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ ڦينٽن ۽ پٽڪن وارا راجپوت منشيات کان پاڪ سنڌ لکيل بينر کڻي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا ۽ ريلي شهر جو گشت ڪيو۔ مٺي جي امر جڳديش ملاڻي هائوس نارٿ ڪالوني مان نڪتل ايڪتا ريلي شھر جي مختلف چوڪن تان ٿيندي  نيشنل بئنڪ چوڪ تي پهتي۔ ريلي ۾ شريڪ استادن ۽ شاگردن منشيات جي ناسور خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ ايڪتا کي قومي عيد قرار ڏنو ۽ وڏي پئماني تي ثقافتي جشن ملهايو ويو۔ ڪنور ڪرني سنگھ۔ ايڊووڪيٽ جهلم سنگھ  ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته  علي قاضي تي فخر ڪريون ٿا جنهن ايڪتا ڏينهن جو بنياد رکي سڄي سنڌ کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ سنڌي قوم کي ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي شعور ڏنو۔  قومي  عيد ايندڙ نسلن تائين ملهائڻ جي جاڳرتا پئدا ڪنداسين. سنڌي ثقافت کي صدين زنده رکنداسين.