ٿرپارڪر پوليس ارشاد ميمڻ جا قاتل ڳولي نه سگهي، معاملو ڳجارت بڻيل

ٿرپارڪر پوليس ارشاد ميمڻ جا قاتل ڳولي نه سگهي، معاملو ڳجارت بڻيل

ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٿرپارڪر پوليس ارشاد ميمڻ جي قتل جو ڪيس حل ڪرڻ ۾ ناڪام  ٿي وئي، ارشاد ميمڻ جو بي رحماڻو قتل ڳجهارت بڻيل. ٿرپارڪر پوليس نوجوان ارشاد احمد ميمڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن تائين پهچڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي، ارشاد ميمڻ جو لاش 7 ڊسمبر تي ڏيپلو ٿاڻي جي حدن ۾ هيلاريو ڳوٺ ڀرسان هڪ ويران هنڌ تان انتهائي خراب حالت ۾ هٿ آيو هو. . جاچ دوران معلوم ٿيو ته ارشاد جو آخري موبائل لوڪيشن ميرپورخاص ضلعي جي جُهڏو شهر ڀرسان ملي هئي. مقتول جو چاچو محمد صالح ميمڻ پڻ پنهنجي ڀائيٽي جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس 9 ڊسمبر تي بدين ضلعي جي پوليس آفيسرن کي طلب ڪيو. مقتول جي وارثن ٽنڊو باگو پريس ڪلب آڏو ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيو هو،. ذريعن موجب ارشاد ميمڻ جو ڪجهه بااثر ماڻهن سان تڪرار پڻ هلندڙ هو، جنهن سبب هو گهڻو ڪري عمرڪوٽ جي ڀرسان علائقي ۾ رهندو هو، جتي هو پنهنجي ماءُ جي حصي واري مليل زرعي زمين سنڀاليندو هو. اهو به چيو وڃي ٿو ته ارشاد جي ڪجه ويجهن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان مالي معاملا هلندڙ هئا. وارثن الزام لڳايو آهي ته پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ دوران به لاپرواهي ڪئي، ڇو ته ڪيس مقتول جي والد بدران ارشاد علي ميمڻ جي سئوٽ محمد صالح ميمڻ ڏيپلو ٿاڻي تي ايف آئي آر درج ڪرائي وئي آهي.. ارشاد علي ميمڻ جي ڀاءُ حبدار علي ميمڻ مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته ارشاد علي ميمڻ جي قتل ڪيس جي جاچ ايف آئي اي کان ڪرائي وڃي.