| ٿرڊ پارٽي ويريفڪيشن کان سواءِ بل پاس نه ڪيا وڃن: ميئر ڪراچي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي 30 جون تائين سموريون اسڪيمون مڪمل ڪرڻ ۽ ٿرڊ پارٽي ويريفڪيشن کانسواءِ بِلز پاس نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ميئر ڪراچي جي صدارت هيٺ انجنيئرنگ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن، ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي، صوبائي اي ڊي پي، ڪلڪ پروجيڪٽس ۽ ايمرجنسي ورڪس تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، سينيئر ڊائريڪٽر انجنيئرنگ جنيد الله خان جاري اسڪيمز، انهن جي رفتار ۽ درپيش مسئلن بابت میئر ڪراچي کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار گلزار ابڙو سنڌ حڪومت پاران فنڊ جاري ٿيڻ بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي میئر ڪراچي اجلاس دوران سخت هدايتون جاري ڪيون ته ڪنهن به منصوبي جي بِل کي ٿرڊ پارٽي ويريفڪيشن کانسواءِ پاس نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پئسا موجود آهن ته پوءِ ڪم ۾ سستي نه ٿيڻ گهرجي. جيڪي ٺيڪيدار يا آفيسر ڪم نه ڪندا، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ کين بخشيو نه ويندو، ميئر وڌيڪ چيو ته شهر جي ترقياتي ڪم ۾ شفافيت ۽ معيار کي ڪنهن به صورت نظرانداز نه ڪيو ويندو ۽ سڀني منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ لاءِ ذميوار عملو متحرڪ رکيو وڃي.