| ٿرڙي جي ووڪيشنل اسڪول مان هفتي اندر ٻيو ڀيرو چوري |
ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت جي نياڻين جي هنر جي سکيا لاءِ ووڪيشنل گرلس اسڪول مان رات ٻيهر نامعلوم چور در دريون ٽوڙي پندرنهن موٽر واريون مشنيون، چار استريون، ٻه جوڪي مشنيون نامعلوم چور آساني سان کڻي فرار ٿي ويا ٿرڙي محبت جي ووڪيشنل گرلس اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي پشمينا جانوري، ميڊيا اڳيان ڳالهائيندي چيو ته پنج ڏينهن اڳ به ساڳي اسڪول مان مشنيون چوري ٿي ويو هيون جڏهن ته رات ٻهير نامعلوم چور اسڪول جي دري ٽوڙي لکين روپين جو سامان چوري ڪري کڻي ويا، واقعي جو اطلاع ٿرڙي محبت پوليس کي ڏنو آهي پر پوليس چورن اڳيان بيوس بڻيل آهي