ٿرڙي محبت ( ن پ و) ٿرڙي محبت ۾ هٿياربند رائيس ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سبحان سولنگي جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا.
صبح سوير هٿياربندن پريس ڪلب ٿرڙي محبت جي جنرل سيڪريٽري رائيس ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سبحان سولنگي جي گهر ۾ گهڙي لکين روپين جو ڌاڙو هنيو.
سبحان سولنگي ٻڌايو ته 6 هٿياربند ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿي اسان کي هڪ ڪمري ۾ يرغمال بڻائي سونا زيور، روڪ رقم، هڪ ٽچ موبائل فون ۽ ٻيو ساماڻ کڻي آساني سان فرار ٿي ويا.
رائيس ملز اڳواڻ ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين واس وارن کان گهر ڪئي آهي ته شهر ۾ بدامني جو خاتمو آڻي منهنجو ڦر ٿيل سامان واپس موٽرايو وڃي.