ٿرڙي محبت ۾ سينيٽري ورڪر کي اسپتال نيئڻ لاءِ ايمبولينس نه ملي

ٿرڙي محبت ۾ سينيٽري ورڪر کي اسپتال نيئڻ لاءِ ايمبولينس نه ملي

ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت شهر ۽ آس پاس جي علائقن جي  عوام کي ايمبولينس سروس نه ملي سگھي.  شيخ محلا جي سينٽري ورڪر پير کان  معذور ملازم عارف شيخ جي طبيت اچانڪ خراب هئڻ ڪري  سندس حالت خراب ٿي وئي. ملازم جي ڀاءَ راجا شيخ بار بار 1122 سروس تي رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گاڏين جي اسٽاپ تي پهچي منٿون ڪيون  پر افسوس گاڏي اسٽاپ تي موجود هئڻ باجود اسٽاپ عملي پاران نه ڏني وئي، جنهن کي  هلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ، ان موقعي تي راجا شيخ  احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجي ڀاء جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري ايمرجنسي ۾ ايمبولنس گاڏي  لاء آيا هئاسين  پر افسوس سياسي سورس نه هئڻ ڪري گاڏي نه ڏني وئي آهي، اسين سنڌ سرڪار کان گهر ڪيون ٿا اهڙي عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري شفاف نموني جاچ ڪئي وڃي  ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.