| ٿرڙي ۾ اغوا ڄاڻايل خورشيده ڀنڊ شادي ڪري ڇڏي |
ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت مان بيواه عورت پنجن ٻارن جي ماءُ مسمات خورشيده ڀنڊ مبينه اغوا تان ڇڪتاڻ ۽ هڪ عورت قتل ٿيڻ کان پوءِ اغوا ڄاڻايل عورت سان شاديءَ جو دعويدار سامهون چي ويو آهي. ٿرڙي محبت واسي گلزار ڀنڊ، اغواه ڄاڻايل مسمات خورشيده سان شادي جي دعويٰ ڪندڙ ڳوٺ مير محمد ڀنڊ جي رهواسي گلزار چيو آهي ته مون ڪنهن کي اغواه وغيره ناهي ڪيو. اغواه جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو آه.ي مون خورشيده سان نڪاح ڪيو آهي. ٻئي طرف خورشيده ڀنڊ، جي پيرسن امڙ اميرزادي ڀنڊ، ٽائيم نيوز سان ڳالهايندي چيو ته مون پنهنجي بيوه ڌي جي شادي پنهنجي رضامندي سان ڪئي آهي. گلزار ڀنڊ کي نڪاح ڪري ڏني آهي، جنهن تان اڳوڻي مڙس جي سئوٽن ۽ رشتيدارن صاحب خان ڀنڊ، گلشير ڀنڊ، سجاد ڀنڊ، مور ڀنڊ، ۽ ٻين رات جو دير سان سهيڙ ڀرسان ڳوٺ ۾ منهنجي ناٺي گلزار ڀنڊ جي عزيزن جي گهرن تي پندرهن کان وڌيڪ هٿياربندن ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي هڪ عورت ثناء ڌي فداحسين ڀنڊ مارجي وئي. ڇهه ڄڻا گلزار ڀنڊ، فداحسين ڀنڊ، بشير ڀنڊ، هڪ عورت شريفان ڀنڊ سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا. اهڙي واقعي جي سيهڙ ٿاڻي تي 6 سڃاتل ٻه اڻسڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي پوليس ڳري رشوت وٺي جوبدارن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي. اغوا ڄاڻايل مسمات خورشيده ڀنڊ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي ڪنهن به اغوا نه ڪيو مونکي پنهنجي پيرسن امڙ گلزار ڀنڊ سان نڪاح ڪري ڏنو جنهن تان منهنجي اڳوڻي مڙس جي مائٽن ۽ سندس عزيز کي ڳاله پسند نه هئي اڳوڻي مڙس کي فوت ٿيندي سال گذري ويا آهن مونکي ڪير به ڏيڻ وٺڻ وارو نه هو منهنجي امڙ به پيرسن آهي اڳوڻي مڙس جا مائٽ منهنجي جان جا ويري بڻجي ويا آهن منهنجي نڪاح ڪرڻ کان بعد صاحب ڀنڊ، وزير علي، نديم ، حبدار ۽ مور ڀنڊ، سجاد ڀنڊ، مان جان جو خطرو آهي منهنجي مڙس گلزار ڀنڊ ۽ پٽن شاهنواز ڀنڊ، علي مراد ڀنڊ، کي ڪجه به ٿيو ته ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار ذميوار هوندا مان آء جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختار ڌرين کان گهر ڪريون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي حملي ڪنڌڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آنڌا وڃن اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.